ڌرمو رام

ڌرمو رام: سنت سائين ڌرمو رام ولد شولداس اوڻيهين صديءَ ڌاري ڪمال ديري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هي پنهنجي پيءُ جو چوٿون نمبر پٽ هو. ننڍي هوندي ڀٽن جي ڳوٺ ۾ دڪان هلائيندو هو. هو گھوڙي تي چانور کڻي ڪمال ديري ايندو هو. روايت آهي ته: ”هڪ ڀيري گھوڙي کي سامان سوڌو جھنگ ۾ ڇڏي، سائين مرچو رام وٽ اچي نڪتو. هن سندس شيوا ڪئي. شيوا ڪندي مالڪ حقيقيءَ جو رنگ پسڻ لاءِ مراقبا ڪرڻ لڳو، ڪجهه عرصي کانپوءِ مائٽ کيس ڳوٺ وٺي آيا، جتي سندس دل نه لڳي ۽ هو بيمار ٿي پيو. سندس پيءُ باس باسي ته ڌرمومل چاڪ ٿيندو ته کيس ڀيلاڻي درگاهه تي ڇڏي ايندو. ڌرمومل چاق ٿيو ته پيءُ کيس ڀيلاڻي درگاهه تي ڇڏي آيو، پر اتي به سندس دل ڪانه لڳي ۽ هو وري مرچو رام وٽ شاهپور ٿلهي تي آيو، جتي مرچو رام جي صحبت ۾ حقيقي رمز ورتائين.“


لفظ ڌرمو رامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو